SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Revolution in Military Affairs RMA

(click word to listen sound
  • 🔊
  • revəluːʃən
  • in
  • militriː
  • əfɛəz
  • rma
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Revolution in Military Affairs RMA

ريووليوشن ان ملٽري افيئرس

فوجي معاملن ۾ انقلاب

هٿيارن ٺاهڻ ۾ نون هُنرن ۽ فنن جي استعمال سبب، فوج سازيءَ واري شعبي ۾ هڪ نئون انقلاب آيو آهي. اڄڪلهه هر ملڪ جي فوجن ۾ نئين ٽيڪنالاجيءَ مطابق ٺهيل هٿيار متعارف ڪرائڻ تمام ضروري سمجهيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان هٿيارن جو ٺيڪ نشاني تي لڳڻ ۽ دُشمنن کي وڌ کان وڌ نقصان رسائڻ جون غير معمولي صلاحيتون حاصل ٿي وڃن ٿيون. ”سرد جنگ“ دؤران، فوجي معاملن ۾ هن قسم جي واضح تبديليءَ کي مثبت قرار ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته جديد قسم جي اهڙن هٿيارن جي هجڻ سان مُخالف ڌُر کي شديد جوابي حملي جو خوف رهي ٿو ۽ انهيءَ خوف سبب اهو اڳرائي نٿو ڪري، نتيجي ۾ ٻن همسري ڪندڙ ڌُرين وچ ۾، جنگ جا امڪان سگهارا نٿا رهن. پر 1991ع ۾ ٿيل ايراني نار (Persian Gulf) واري جنگ دوران اهڙن هٿيارن جي اجائي استعمال، شديد جنگي خطرن کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو آ. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعن جي هٿيارسازيءَ ۾ استعمال کان علاوه، سڌي يا اڻ سڌي طرح جنگي صورتحال بابت معلومات جي حصول ۽ ان جي انتهائي دُرست موقعن تي استعمال ذريعي، جنگ جي نتيجن جي اڳواٽ علم بابت به اڳڀرائي ٿي آهي. RMA کي جديد نظرين هيٺ وڏي حاصلات جي انداز ۾ ڏٺو وڃي ٿو. اڄوڪي دُنيا ۾ ”اطلاعاتي فن“ (Information Technology) جي اچڻ سان، تڪراري ڌُرين وچ ۾ جيڪا معلومات حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ”شديد ڇڪتاڻ“ ۾ تبديل ٿي آهي، تنهن فوجي نظام جي جوِڙجڪ ۽ ملڪي سيڪيورٽي سرشتي ۾ پڻ تمام اهم جڳهه والاري آهي. تازو 2010ع ۾ انٽرنيٽ جي ويب سائيٽ ”وڪي ليڪس“ (WikiLeaks) جديد ٽيڪنالاجيءَ ذريعي، دُنيا جي اهم فوجي ۽ سياسي ادارن جي چُرپُر بابت جيڪا حيرت انگيز معلومات ڏني آهي، انهيءَ سڄي دنيا جي حڪومتن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. ”وڪي ليڪس“ طرفان دُنيا جي وڏن سياسي ۽ فوجي طاقتن ۽ سندن ادارن جي نظامن ۾ جيڪي ڪمزوريون بيان ڪيون آهن، تن سڄي دُنيا جي فردن توڙي گروهن ۾ ”انفارميشن سيڪيورٽي“ جي حوالي سان هڪ خوفناڪ صورتحال پيدا ڪري ورتي آهي، جنهن ڪري آمريڪا ۽ سندس يورپي اتحادين سميت، دُنيا جي اڪثر ملڪن، پنهنجي مُختلف سرشتن جي حفاظت تي تمام گهڻو ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي. هن وقت RMA جي مُک مامرن ۾، حاصل ٿيل ڪنهن به معلومات کي محفوظ ڪرڻ ۽ اُن کي نروار ٿيڻ کان بچائڻ وارو نُڪتو تمام وڏي اهميت حاصل ڪري چُڪو آهي


Remember Me Also:

شينهڻ

ث. باز جو هڪ قسم ٻن قسمن جو، اڇو ۽ ڪارو. شينهن جي مادي ، شيرڻي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal